اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظ?? انوارالحق ڪاڪڙ زور ڏنو آهي ته پاڪستان ۽ ايران کي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري سميت ٻنهي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي گڏيل حصيداري ۽ تع??ون جي ذريعي عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت منهن ڏيڻو پوندو. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظ?? انوارالحق ڪاڪڙ سان ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عز?? جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظ?? ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي درپيش چئلينجز خاص طور تي هڪ ٻئي جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري کي گڏيل حصيداري ۽ تع??ون جي ذريعي عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت منهن ڏيڻو پوندو. نگران وزيراعظم ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏيندي کيس جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.