اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جو ٻيهر صدر ??ونڊجڻ تي چين جي صدر شي جن پنگ پاران مبارڪباد ڏيڻ تي سندس ٿورا مڃيندي چيو آهي ته چين سان سدا بهار حصيداري مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان ۽ چين جي مضبوط دوستي علائقائي ??من، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ اهم حيثيت رکي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چيني صدر پاران مبارڪباد واري پيغام تي صدر هڪ خط ۾ سندس ٿورا مڃيا. صدر آصف علي زرداري صدر شي جن پنگ کي خط ج?? جواب ڏيندي گڏيل عملي تعاون کي گهرو ڪرڻ، سدا بهار حصيداري کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي مفاد جي لاءِ گڏيل ڪميونٽي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ چيني صدر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عز?? جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ چين رڳو پاڙيسري نه پر مضبوط ڀاءُ آهن، ٻنهي ملڪن پاڪ – چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) سميت ٻطرفي تعاون جي مختلف شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي ??هي. صدر ??يو ته ٻئي ملڪ سدا بهار تعاون جي حصيداري جي ڪاميابي جي لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي اڻٿڪ حمايت سي پيڪ جي ترقي جي لاءِ لازمي رهندي، تاريخ پاڪستان ۽ چين کي هڪ منفرد رشتي ۾ ڳنڍيو آهي، سمورن عالمي مسئلن تي گڏيل احترام، افهام تفهيم ۽ گڏيل خيالن سان پاڪ – چين لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. صدر ??ين سان عملي تعاون وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عز?? جو ورجاءُ ڪندي صدر شي جن پنگ پاران پاڪ – چين دوستي طرف صدر زرداري جي عزم جي اعتراف کي پڻ ساراهيو.