اسلام آباد – 21 – ??ار?? (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پنهنجي پهرين غيرملڪي دوري تي برسلز ۾ آهي جتي هو ائٽمي توانائي جي پهرين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته نيوڪليئر انرجي سمٽ ائٽمي توانائي جو استعمال ڪندڙ ملڪن کي گڏ ڪري ٿو ۽ ائٽمي توانائي جي شعبي ۾ عالمي تعاون جي لا??ِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير سربراهي اجلاس ۾ توانائي جي سلامتي جي اهميت ۽ وڌندڙ مطالبن ۽ موسمياتي خدشن جي موثر حل جي ضرورت تي زور ڏيندو. ??و نيوڪليئر پاور پلانٽس هلائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي وسيع تجربي ۽ حفاظت، گند ڪچري جي انتظام ۽ عدم ڦهلاءُ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪندو. پرڏيهي وزير ائٽمي توانائي جي ترقي جي لا??ِ ٽيڪنالاجي تائين پهچ، فنانسنگ ۽ اسرندڙ ملڪن جي لا??ِ عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي جي فني مدد ۾ اضافي سميت تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندو. ترجمان چيو ته برسلز ۾ پرڏيهي وزير سمٽ ۾ شريڪ ملڪن جي اڳواڻن ۽ پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. هو پاڪستان واپسي تي لنڊن ۾ برطانيا جي عملدارن سان ملاقات ڪندو.