اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ ٽيلنٽ کي راغب ڪرڻ ۽ برقرار رکڻ جي لا??ِ نوان قدم کنيا ويندا، باصلاحيت پيشيور ماڻهو ۽ فني ماهر اسان جي موجوده گورننس جي نظام ۾ جدت آڻي ان کي وڌيڪ موثر بڻائيندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ نئين ٽيلنٽ جي فروغ ۽ وفاق?? وزارتن جي صلاحيت وڌائڻ جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاق?? وزارتن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان عالمي شهرت رکندڙ ماه??ن ۽ ڪنسلٽنٽس جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي حوالي سان تجويزن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي عالمي سطح جو ٽيلنٽ پول جوڙڻ گهرجي ڇو ته هي اهڙو دور آهي جنهن ۾ ڪنهن به قوم جي ڪاميابي ۾ ٽيلنٽ ئي سڀ کان وڏو فرق پيدا ڪري ٿو. ان کانسواءِ وزيراعظم شهباز شريف حڪومتي پاليسي پروگرامن تي موثر عملدرآمد جي لاءِ اهل ۽ باصلاحيت ڪارڪنن جي تياري جي طريقن ۽ غيرجانبداري جي اصولن تي قائم ۽ ميرٽ تي ڀرتي ڪرڻ جي حوالي سان اهم اجلاس جي پڻ صدارت ڪئي. وزيراعظم چيو ته باصلاحيت ٽيلنٽ کي راغب ڪرڻ ۽ ان کي حاصل ڪرڻ تي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي جهڙي طرح اسان کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ ان کي حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڪاروباري برادري اهڙين جاين تي سيڙپڪاري چاهي ٿي جتي ٽيلنٽ هجي، سياست ۽ پاليسيون مستحڪم هجن ۽ سسٽم ڪم ڪري. وزيراعظم پاڪستان ۾ ٽيلنٽ جي ضرورت جي بهتر حصول ۾ مدد جي لاءِ وزارتن ۾ تازي فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ ۽ واضح ڪرڻ جي لاءِ پاليسي جوڙڻ جي لا??ِ ناڻي وار?? وزير جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ۽ ان کي پنهنجون تجويزون جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ پاليسي سازي جي سطح تي فني معاونت جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو جيڪو سول سروس ۾ نيون مهارتون تيار ڪرڻ، وڏن منصوبن جي انتظام کي بهتر بڻائڻ ۽ ڊيجيٽل دور جي گهرجن موجب آڻڻ جي لاءِ ضروري آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ٻاهرئين ملڪ مان ماڻهن جي مقرري ۾ ٽائيم اسڪيل طريقيڪار جهڙين رڪاوٽن کي اجاگر ڪيو جنهن جي ڪري بهترين اميدوارن کي صحيح طريقي سان ڳولي نه ٿو سگهجي ۽ پگهارن جي ادائيگي جهڙن مسئلن سان بهترين ٽيلنٽ خاص طور تي اهڙا علائقا جتي هنرمند ماڻهن جي کوٽ هجي، ڳولا ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. اجلاس ۾ وفاق?? وزير احد چيما، محمد اورنگزيب، ع??اء?? الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس احمد خان لغاري، آءِ ٽي واري مملڪت?? وزير شزه فاطمه خواجه ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر موجود هئا.