اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان ملڪ ۽ قوم جي لاءِ ش??يد ذوالفقار علي ڀٽو جي خدمتن تي کيس خراج ??قيد?? پيش ڪريون ٿا. ش??يد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ تي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 4 اپريل 1979ع تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ه?? غيرشفاف عدالتي ڪارروا??ي جي ذريعي ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي هئي. 44 سالن کانپوءِ سپريم ڪورٽ ان تاريخي غلطي جو ازالو ڪيو پر ذوالفقار علي ڀٽو جي گهرڀاتين ۽ ڪارڪنن جي لاءِ ان ناقابل تلافي نقصان جو ازالو رڳو ڳوڙها ۽ نه ختم ٿيندڙ افسوس آهي. هن چيو ته اسان ش??يد ذوالفقار علي ڀٽو جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ خدمتن کي خراج ??قيد?? پيش ڪندي ان جي مغفرت ۽ سمورن لاڳاپيلن جي لاءِ صبر جي دعا ڪريون ٿا.