ايبٽ آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايبٽ آباد ۾ ش??يد ڪسٽمز انسپيڪٽر سيد حسنين علي ترمذي جي رهائشگاهه تي ويو ۽ ش??يد جي والد ۽ ٻارن سان تعزيت جو اظهار ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۽ سيفران وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي ميمبر سردار محمد يوسف، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ مرتضيٰ جاويد عباسي، ايف بي آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانه پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم ش??يد جي ڌيءَ ۽ پٽ کي پيار ڪيو ۽ انهن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ش??يد جي والد کي گلي لڳائي ??وصلو ۽ دلاسو ڏنو ۽ ش??يد پئڪيج تحت ش??يد جي بيواهه ۽ ٻارن جي لاءِ امدادي چيڪ کيس پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اها امدا??ي رقم توهان جي ش??يد پٽ جي عظيم قرباني جو نعم البدل نٿي ٿي سگهي پر ش??يد جي بيواهه ۽ ٻارن جي لاءِ حڪومت جيڪو ڪجهه ??ه ڪري سگهي ٿي، ڪندي، انهن جي تعليم ۽ علاج جا خرچ پڻ حڪومت برداشت ڪندي.