اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صد??رت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي چيو ته سعودي ??يڙپڪار وفد جو پاڪستان اچڻ سعودي ??رب ۽ پاڪستان جي معاشي لاڳاپن ??ي حوالي سان انتهائي اهم اڳڀرائي آهي. هن ان دوري کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي سان وفاقي وزيرن، آفيسرن ۽ عملي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وفاقي ڪابينا هوابازي واري ??ز??رت جي سفارش تي ايئر سيال کي چين، ملائيشيا، سريلنڪا، ٿائيلينڊ، ترڪيه، برطانيا ۽ ڪويت ۾ فلائيٽ آپريشنز شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اها منظوري ??يشنل ايوي ايشن پاليسي 2023ع ۽ ايئر سروسز ايگريمنٽ تحت ڏني وئي آهي. وفاقي ڪابينا واپار واري ??ز??رت جي سفارش تي اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ ڪنگڊم آف ڪولمبيا جي وچ ۾ گڏيل واپاري ڪميٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون جڏهن ته وفاقي تعليم ۽ فني تربيت واري ??ز??رت جي سفارش تي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اسپيشل ايجوڪيشن کي انساني حقن واري ??ز??رت کان وفاقي تعليم ۽ فني تربيت واري ??ز??رت جي حوالي سان ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا چيني سيڙپڪاري ??نصوبن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 30 اپريل 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ??يل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي.