اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف چيو آهي ت?? حڪومت آءِ ٽي انڊ??ٽر?? جي فروغ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، ملڪ ۾ فور جي سروسز جو معيار بهتر بڻائڻ جي لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن جڏهن ته وزيراعظم کي آءِ ٽي واري وزارت پاران ٻڌايو ويو ته 2029ع تائين پاڪستان جو آءِ ٽي روانگي واپار 25 ارب ڊالر تائين کڻي وڃڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، پاڪستان ڊيجيٽل ڪميشن جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي، ايندڙ 5 سالن ۾ 15 لک ماڻهن کي آءِ ٽي ٽريننگ ڏني ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم ??حمد شهباز شريف جي صدارت ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت ۽ نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي معاملن تي اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان وٽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي جنهن جو ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ت?? حڪومت آءِ ٽي انڊ??ٽر?? جي فروغ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، آءِ ٽي انڊ??ٽر?? ملڪ جي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏي. هن چيو ته پاڪستاني انٽر??ري??يورز آءِ ٽي سيڪٽر جي فروغ ۽ ترقي ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم ??لڪ ۾ فور جي سروسز جو معيار بهتر بڻائڻ جي لاءِ مناسب قدم کڻڻ جي ??دا??ت ڪئي. وزيراعظم ??دا??ت ڪئي ته آءِ ٽي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ عملي قدم ترجيحي بنيادن تي کنيا وڃن. وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر کي ??دا??ت ڪئي ته سافٽ ويئر پراڊڪٽس جي برآمد ڪندڙن جي ڊيبٽ ڪارڊ ۽ فارن ڪرنسي جي معاملن ۾ بئنڪن پاران ڪا رڪاوٽ نه اچي. وزيراعظم ??دا??ت ڪئي ته ملڪ ۾ آءِ ٽي پروفيشنلز جو انگ وڌائڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن، يونيورسٽيون ۽ تربيتي ادارا ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪن. هن آءِ ٽي نصاب کي انڊ??ٽر?? جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم حڪومت ۽ آءِ ٽي انڊ??ٽر?? جي وچ ۾ هم آهنگي جي فروغ ۽ آءِ ٽي انڊ??ٽر?? جي مسئلن کي فوري طور تي حل ڪرڻ جي ??دا??ت ڪئي. هن وڌيڪ ??دا??ت ڪئي ته اسٽارٽ اپس جي فروغ ۽ انهن کي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ نجي شعبي سان مشاورت ڪئي وڃي. وزيراعظم ??يشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي ڪارڪردگي جانچڻ جي لاءِ هڪ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي ??دا??ت پڻ ڪئي. اجلاس کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت پاران انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبن جي حوالي سان حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته 2029ع تائين پاڪستان جو آءِ ٽي روانگي واپار 25 ارب آمريڪي ڊالر تائين کڻي وڃڻ جو هدف آهي جڏهن ته ان هدف کي عبور ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪ سروسز ۽ ڪيپٽو آءِ ٽي جي ڪاروبار کي سگهه ڏني ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو تهپ اڪستان ڊيجيٽل ڪميشن جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي ان حوالي سان ضروري قانونسازي ڪئي پئي وڃي، گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ، گورنمينٽ ٽو بزنس ٽرانزيڪشنز جي آٽوميشن سان صحت، تعليم، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ جدت آندي ويندي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ڊيجيٽل نيشن نالي منصوبي سان حڪومتي معاملن ۽ معيشت کي ڊيجيٽائيز ڪيو ويندو. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ايندڙ 5 سال آءِ ٽي جي شعبي ۾ 15 لک ماڻهن کي ٽرينگ جو هدف رکيو ويو آهي. وڌيڪ اهو ته ايندڙ 5 سالن ۾ 2 لک ماڻهن ۾ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، آرٽيفيشل انٽيلي جنس ۽ سائبر سيڪيورٽي جي حوالي سان تربيت ڏني ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي آءِ ٽي پروفيشنلز جي لاءِ عالمي سرٽيفڪيشنز کي يقيني بڻايو ويندو. آءِ ٽي پروفيشنلز جي لاءِ ماسٽر ٽرينر پروگرامز شروع ڪيا ويندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ سالن ۾ 3 آءِ ٽي پارڪس ۽ 250 اي – روزگار مرڪز قائم ڪيا ويندا. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت پاران ٽيلي ڪميونيڪشنز سيڪٽر جي ترقي ۽ فروغ جي حوالي سان ڊگهي مدي، وچولي مدي ۽ گهٽ مدي واريون تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته موبائيل براڊ بينڊ ڪوريج کي 100 ايم بي پي ايس تائين کڻي وڃڻ جو هدف رکيو ويو آهي جڏهن ته فائبر پينيٽريشن کي 12 سيڪڙو تائين وٺي وڃبو. ٻئي طرف هيلٿ ٽيڪ، مصنوعي ذهانت، فنانشل ٽيڪ ۽ ايگري ٽيڪ جي حوالي سان اسٽارٽ اپس جي لاءِ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اسٽارٽ اپس جي لاءِ ٽيڪس ۾ ڇوٽ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال (وڊيو لنڪ ذريعي)، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.