اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ادارن کي جاري حڪمن تي اڳڀرائي جي جائزي جي لاءِ جوڙيل ٽاسڪ مئنيجمينٽ سس??م جو روزاني جي بنياد تي جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته سمورن منصوبن جي اڳڀرائي جي مسلسل نگراني انهن جي جلد کان جلد پڄاڻي تي پهچڻ طرف پهريون قدم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي وزارتن ۽ ادارن کي جاري ڪيل هدايتن تي اڳڀرائي جي حوالي سان جوڙيل ٽاسڪ مئنيجمينٽ سس??م بابت جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم روزاني جي بنياد تي ٽاسڪ مئنيجمينٽ سس??م جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته سمورن منصوبن جي اڳڀرائي جي مسلسل نگراني انهن جي جلد کان جلد پڄاڻي تي پهچڻ طرف پهريون قدم آهي. وزيراعظم سمورين وفاقي وزارتن ۽ ادارن جي سيڪريٽريز ۽ ادارن جي سربراهن کي ٽاسڪ مئنيجمينٽ سس??م کي پاڻ استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽاسڪ مئنيجمينٽ سس??م جي موبائيل ايپلي ڪيشن ٺاه?? وئي آهي، ٽاسڪ مئنيجمينٽ سس??م عالمي معيار جو هڪ منفرد ۽ جديد سافٽ ويئر آهي جنهن جي ذريعي وفاقي وزارتن کي وزيراعظم پاران جاري ڪيل هدايتن جي نگراني ۽ انهن هدايتن موجب اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ??لڪ?? آءِ ٽي واري م??لڪ??ي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضل ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.