اسلام آباد -09 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ملڪ ۽ ملت لاءِ محترمه فاطمه جناح جي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته فاطمه جناح قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ تحريڪ پاڪستا?? ۾ ??هم ڪردار ادا ڪيو. هو هڪ بهادر، بااصول ۽ مضبوط اعصابن جي مالڪ عورت هئي. گذريل ڏينهن محترمه فاطمه جناح جي 57هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مادر ملت جو ڪردار عورتن لاءِ عزم و استقامت، حوصلي ۽ ره??مائي جو ذريعو آهي. هوءَ قائداعظم محمد علي جناح جي ٻ??نه?? ٻيلي ۽ ج??ن نثار ڀيڻ هئي. هن چيو ته فاطمه جناح تحريڪ آزادي جي هر مرحلي ۾ پاڇي وانگر قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ ره??. فاطمه جناح قائداعظم محمد علي جناح وانگر باهمت، بااصول، محنتي ۽ هر ڏکئي وقت ۾ ثابت قدم ره??دڙ عورت هئي. فاطمه جناح عورتن جي تحريڪ آزادي جي هر اول جٿي جي ره??ما هئي. هوءَ پاڪستان جي قيام کان پوءِ عملي سياست ۾ سرگرم ره??، اسپيڪر چيو ته هن عوام خاص ڪري عورتن جي فلاح و بهبود لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سندس ملڪ ۽ قوم لاءِ پيش ڪيل خدمتن کي هميشه سونهري لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو.