اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل جي ا??گز??ڪيوٽو ڪميٽي (ايڪنڪ) جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جا??ي بيان موجب پاڪستان ريلويز جي موجوده مين لائين (ايم ايل ون) جي اپ گريڊيشن کي ان هدايت سان ٻيهر ترميم ٿيل دائره ڪار تي منظور ڪيو ويو ته من??وب?? جو پهريون مرحلو ڪراچي کان ملتان تائين 929 ڪلوميٽر ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو. ايڪنڪ فلڊ ريسپانس ايمرجنسي هائوسنگ پراجيڪٽ (فيز – 1) جي من??وب?? جو جا??زو وٺي ا?? جي منظوري ڏني جنهن کي ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان قرض جي ذريعي فنڊ ڪيو ويندو، ان من??وب?? جو مقصد سنڌ ۾ ٻوڏ کان متاثر 250000 کان وڌيڪ گهر?? جي ڪميونٽي جي قيادت ۾ نئين سر تعمير جي ذريعي ٻوڏ متاثري?? جي مدد ڪرڻ آهي. قومي اقتصادي ڪائونسل جي ا??گز??ڪيوٽو ڪميٽي پاڻي جي شعبي جي چئن من??وب?? تي پڻ غور ڪيو ۽ انه?? جي منظوري ڏني جنهن ۾ پنجاب حڪومت جو ڍوچه ڊيم جي تعمير (نظرثاني ٿيل) من??وب?? شامل آهي. اهو من??وب?? 35 ايم جي ڊيز پاڻي جي فراهمي جي ذريعي راولپنڊي ۾ پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. پاڻي جي شعبي جي منظور ٿيل ٻين من??وب?? ۾ گومل زم ملٽي پرپز پراجيڪٽ، منگلا ڊيم پراجيڪٽ ۽ گولين گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ شامل آهن. اجلاس ”انٽيگريٽيڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم جي ترقي“ جي پڻ منظوري ڏني، ان من??وب?? ۾ طورخم، چمن ۽ واهگه ۾ جديد ترين سرحدي ڪراسنگ پوائنٽس جي تعمير ۽ ترقي، لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ، ڪنٽينرائزڊ ڪارگو جي ڊيجيٽل اينڊ ٽو اينڊ ٽريڪنگ وغيره شامل آهن. ايڪنڪ ڪراچي نيبرهڊ امپروومنٽ پراجيڪٽ جي منظوري ڏيندي ان تي عملدرآمد جي مدي ۾ 31 ڊسمبر 2024ع تائين 6 مهين?? جي واڌ ڪري ڇڏي، قومي اقتصادي ڪائونسل جي ا??گز??ڪيوٽو ڪميٽي پاڪستان افغانستان بارڊر باديني تي بارڊر ٽرمينل جي تعمير ۽ سيف الله ضلعي ۾ مرغه فقيرزئي کان خان ڊگر مين باديني روڊ تائين 40 ڪلوميٽر ڊگهي رستي جي اپ گريڊيش?? جي پڻ منظوري ڏني.