اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پارليامينٽ ۽ عوام ?? ويجهن رابطن سان ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم ٿيندي، ينگ سٽيزن انٽرن ??پ پروگرام ذريعي مستقبل جي معمارن کي پارليامينٽ ۽ ان جي نظام بابت آگاهي ملندي. ينگ سٽيزن انٽرن ??پ پروگرام ?? شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پروگرام ?? شامل سمورن ٻارن کي پارليامينٽ ۾ آجيان ڪريان ٿو. قومي اسيمبلي ۾ ٻارن ??ي انٽرن ??پ جو بنياد 2014ع ۾ رکيو ويو، ٻارن ??و انٽرن ??پ پروگرام منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي، ٻارن ??ي روشن مستقبل لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻنداسين. هن چيو ته خوشي آهي ته ان پروگرام ?? ملڪ جي سمورن ??لائقن ۽ طبقن ??ي نمائندگي آهي، پارليامينٽ 25 ڪروڙ عوام جي دانش گاهه آهي. هن چيو ته ينگ سٽيزن شپ پرگرام ذريعي مستقبل جي معمارن کي پارليامينٽ ۽ ان جي نظام بابت آگاهي حاصل ٿيندي، پارليامينٽ ۽ عوام جي ويجهن رابطن سان ملڪ ۾ جمهوريت وڌيڪ ??ستحڪم ٿيندي، اهو اطمينان آهي ته ملڪ جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي. هن چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ ضروري آهي ته سڀ گڏجي ڪم ڪريون. هن ٻارن کي پروگرام ?? ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ تي پڻ زور ڀريو.