اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي پ??رئين نشان حيدر حاصل ڪندڙ ڪيپٽن محمد سرور شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته سندس شهادت جو ڏينهن سڄي قوم کي پ??هنجن شهيدن جي بي مثال قربانين جي ياد ڏياري ٿو، پاڪستاني قوم ملڪي دفاع لاءِ پاڪستاني فوج جي قربانين ک?? ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز مطابق ڪيپٽن سرور شهيد جي 76 هين يوم شهادت تي پ??هنجي پ??غام ۾ هن چيو ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد 1948 جي جنگ جي جرئت ۽ بهادري جي مثال قائم ڪندي، شهادت جو درجو حاصل ڪيو، ڪيپٽن محمد سرور شهيد ڌرتي جي حفاظت کي پ??هنجي جان تي فوقيت ڏئي ايندڙ نسلن لاءِ مادر و??ن سان وفا جو لازوال مثال قائم ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد (نشان حيدر) جي شهادت جو ڏهاڙو سڄي قوم کي پ??هنجن شهيدن جي بي مثال قربانين جي ياد ڏياري ٿو، پاڪستاني قوم ملڪي دفاع لاءِ پاڪستان جي فوج جي قربانين ک?? ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني پاڪستاني فوج جا آفيسر ۽ جوان م??ڪ جي دفاع لاءِ قربانيون ڏيندا آيا آهن ۽ ڏئي رهيا آهن، مون سميت سڄي قوم کي پاڪ فوج جي شهيدن ۽ سندن ڪٽنب ڀاتين تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته سڄي قوم ملڪي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجا فرض ادا ڪندڙ پاڪستاني فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ بيٺل آهي.