اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي مبارڪ ثاني ڪيس جي حوالي سان حڪومت پاران سپريم ڪ??رٽ ۾ اضافي درخواست داخل ڪئي وئي آهي، اٽارني جنرل 22 آگسٽ 2024ع تي سپريم ڪ??رٽ ۾ اضافي درخواست جي ٻڌڻي ۾ پنهنجي ٽيم سان گڏ عالمن ۽ قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي راءِ جي روشني ۾ دليل ڏيندو جڏهن ته ڪابينا واپار واري ??زارت ۽ ازبڪستان جي سيڙپڪاري ??اري ??زارت جي وچ ۾ اي ڪامرس جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون، ”پرائيم منسٽر اسڪلز ڊيولپمينٽ ڪمپني“ جي قيام ۽ ڪنگ حماد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز جا آپريشنز نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز جي حوالي ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪابينا کي مبارڪ ثاني ڪيس جي حوالي سان سپريم ڪ??رٽ جي تازي فيصلي تي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي مبارڪ ثاني ڪيس جي حوالي سان سپريم ڪ??رٽ آف پاڪستان ۾ 17 آگسٽ 2024ع تي هڪ اضافي درخواست داخل ڪئي وئي آهي. ڪابينا کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ان ڪيس جي حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ تفصيلي بحث ٿيو ۽ اهو معاملو قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ حڪو??ت ۽ مخالف ڌر پارٽين متفقه طور تي فيصلو ڪيو ته قومي اسيمبلي وفاقي حڪومت کي اهو چوندي ته ان ڪيس جي واقعاتي ۽ قانوني رخن ۽ عالمن جي راءِ جي حوالي سان سپريم ڪ??رٽ ۾ حڪومت پاران درخواست داخل ڪئي وڃي. ان حوالي سان وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن کانپوءِ وزيراعظم جي هدايت موجب حڪومت پاران سپريم ڪ??رٽ ۾ اضافي درخواست داخل ڪئي وئي. وزيراعظم جي هدايت موجب اٽارني جنرل 22 آگسٽ 2024ع تي سپريم ڪ??رٽ ۾ اضافي درخواست جي ٻڌڻي ۾ پيش ٿيندو ۽ پنهنجي ٽيم سان گڏ عالمن ۽ قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي راءِ جي روشني ۾ دليل ڏيندو. وزيراعظم ان حوالي سان واضح هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. وفاقي ڪابينا واپار واري ??زارت جي سفارش تي ازبڪستان جي سيڙپڪاري، صنعت ۽ واپار واري ??زارت ۽ پاڪستان جي واپار واري ??زارت جي وچ ۾ اي ڪامرس جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تر??يت واري ??زارت جي سفارش تي ڪمپنيز ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 42 جي روشني ۾ فني ۽ پيشيواراڻي تر??يت بابت قومي ڪميشن تحت ”پرائيم منسٽرز اسڪلز ڊيولپمينٽي ڪمپني“ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. مٿي ڄاڻايل ڪمپني جو قيام فني ۽ پيشيواراڻي تر??يت جي لاءِ فنڊز گڏ ڪرڻ، فنڊ مئنيجمينٽ ۽ ان فنڊ تحت مختلف تربيتي پروگرام لاڳو ڪرڻ آهي. وزيراعظم جي هدايت جي روشني ۾ فني ۽ پيشيواراڻي تر??يت بابت قومي ڪميشن جي آپريشنل ۽ ريگيوليٽري ??عاملن کي جدا ڪرڻ جي حوالي سان ان ڪمپني جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي جنهن کانپوءِ پرائيم منسٽرز اسڪلز ڊيولپمينٽ ڪمپني فني ۽ پيشيواراڻي تر??يت جي آپريشن معاملن کي ڏسندي جڏهن ته فني ۽ پيشيواراڻي تر??يت بابت قومي ڪميشن ريگيوليٽري ??عاملن کي ڏسندي. وفاقي ڪابينا قومي صحت واري ??زارت جي سفارش تي ڪنگ حماد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز جا آپريشنز نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز جي حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان حوالي سان قومي صحت واري ??زارت ۽ دفاع واري ??زارت جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون وينديون. وفاقي ڪابينا حڪومتي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 12 آگسٽ 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 15 آگسٽ 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.