اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ايران ۾ بس حادثي ۾ پاڪست??ني زائرين جي شهادت تي انهن گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. پاڪست??ني زائرين ايران جي شهر يزد ۾ هڪ افسوسناڪ ر??ڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي هدايت تي زاهدان ۾ پاڪستان جي قونصلر کي واقعي واري هنڌ پهچڻ ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي. ترجمان چيو ته هو زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ مقامي عملدارن سان به رابطو ڪندو ۽ م??تن کي پاڪستان واپس پهچائڻ جو انتظام ڪندو. فوت ٿيندڙن مان اڪثر سنڌ صوبي جا رهواسي آهن. بيان موجب پرڏيهي وزارت انهن ڪوششن ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۽ م??تن جي وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ کي فعال ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته تهران ۾ پاڪستان جو سفير ۽ زاهدان جو قونصلر تهران ۽ زاهدان ۾ اير??ني عملدارن سان رابطي ۾ آهن ته جيئن ميتن کي ڪڍ?? ۽ ??طن واپسي ۾ تيزي آندي وڃي ۽ زخمين جي علاج ۾ سهولت فراهم ڪئ?? وڃي.