اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير سيد م??سن نقوي جي صدارت هيٺ رات جو دير سان امن امان جو جائزو وٺڻ بابت اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو. گهرو وزارت طرفان جاري بيا?? مطابق گهرو وزير چيو ته ڪنهن کي ريڊ زون ۾ اچڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. امن امان برقرار رکڻ اسان جي پهرين ترجيع آهي. هن چيو ته احتجاج ڪرڻ هر هڪ جو حق آهي. احتجاج مناسب هنڌ تي ٿيڻ گهرجي ۽ ا??تجاج سان عوام جي روزاني جي معاملن ۾ خلل نه پوڻ گهرجي. گهرو وزير م??سن نقوي چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ پهرين ذميواري آهي، عوام جي جان مال لاءِ قانون جي عملداري کي يقيني بڻايو ويندو. سيد م??سن نقوي چيو ته قانون هٿ ۾ وٺڻ وارن خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو. اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.