اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطا??يا جي سرڪاري دوري جي موقعي تي برطا??يا جي نائب وزيراعظم انجيلا ريز سان ملاقات ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جيڪو هن وقت سرڪاري دوري تي برطا??يا ۾ آهي، برطا??يا جي پرڏيهي، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن جي سيڪريٽري ڊيوڊ ليمي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هڪ مضبوط پا??ست??ن – برطا??يا حصيداري، وسيع ٻطرفي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ، گڏيل قومن ۽ دولت مشترڪه جي ڏس ۾ پا??ست??ن برطا??يا تعاون کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪالهه خميس ڏينهن برطا??يا جي نائب وزيراعظم انجيلا ريز سان ملاقات کانسواءِ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ برطا??يا ۾ پا??ست??ني ڪميونٽي جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو.