اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ??لم انڊسٽري جي سينيئر ۽ ناليواري هدايتڪار الطاف حسين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي ب??ان ۾ مر??وم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته الطاف حسين پاڪستان ??لم انڊسٽري جو قيمتي اثاثو هو، هن پنهنجي زندگي ۾ ڪيترين ئي يادگار فلمن ۾ هدايتڪاري ڪئي ۽ پنهنجي محنت ۽ لگ?? سان ??اڪستان ??لم انڊسٽري جو نالو روشن ڪيو. هن چيو ته الطاف حسين جو لاڏاڻو نه رڳو پاڪستان ??لم انڊسٽري پر پوري ملڪ جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي، اڄ جڏهن اسان کيس وڃائي چڪا آهيون ته اسان کي ان جي خدمتن کي ياد رکڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مر??وم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.