لاهور – 02 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته امن رڳو پاڪستان نه پر پوري دني?? جي ضرورت آهي، دنيا هن وقت جنگ نه پر امن چاهي ٿي، پاڪ ڀارت سميت ٽئين دنيا جا ملڪ هڪ جهڙن مسئلن ۾ ورتل آهن جن کي گڏجي پرامن طريقي سان حل ??رڻو پوندو، پرامن ماحول هوندو ته خطي ۾ امن ۽ خوشحالي ايندي، اڄ اسان جو پروگرام امن طرف هڪ وڏو قدم آهي جنهن ۾ سڄي دني?? جي ملڪن مان آيل شاگردن کي متحرڪ ڪرڻ جي بهترين ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جيئن مسئلن جو پرامن طريقي سان حل ??ڍي سگهجي. هو الحمرا هال ۾ انٽرنيشنل اسٽوڊنٽ ويڪ ان پاڪستان جي اهتمام هيٺ يوٿ موبلائيزيشن ان پيس بلڊنگ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.