اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪجهه شرطن سان لاڪ ڊائون کي آهستي آهستي کوليو ويندو ڇو ت?? اسان کي پنهنجي عوام کي ڪورونا کان به بچائڻو آهي ۽ بيروزگاري ۽ بک وگهي مرڻ کان به بچائڻو آهي، هن مشڪل وقت ۾ ??ضا??ار ٽائيگر فورس جو ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو، اها فورس ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ، عوام ۾ آگاهي ۽ شعور پيدا ڪرڻ ۽ حڪومتي پاليسين کي لاڳو ڪرڻ ۾ ضلعي انتظاميا جي مدد ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورون?? رليف ٽائيگر فورس جي ??ضا??ارن کي خطاب ڪندي ڪيو.