اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان 1124 ميگاواٽ جي ڪوهاله هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي لاءِ تاريخي ٽه ڌرئي معاهدي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان اڄ??ڪو ڏينهن اهم آهي، پن بجلي جي منصوبن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، جڏهن ته ان سان صاف ۽ سستي بجلي به ميسر ا??ندي. هو 1124 ميگاواٽ جي ڪوهاله هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي لاءِ ٽه ڌرئي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.