اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لبنان جي گادي واري شهر ۾ بيروت ۾ ڌماڪن ۾ وڏي پئماني تي قيمتي جانين جي زيان ۽ هزارين ماڻهن جي زخمي ٿ??ڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پ??هنجي لبناني ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ انهن جي ڏک ۾ برا??ر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ زخمين کي جلد صحتياب ڪري ۽ ڏکويل خاندانن کي ص??ر جميل عطا فرمائي.