لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هڪ ج??ڙي تعليمي نصاب سان ئي معاشري ۾ امتيازي سلوڪ ختم ڪري سگهجي ٿو، تعليم جي ذريعي ئي اصل ترقي ممڪن آهي، اسڪولن ۾ سهولتون ڏنيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صو??ي جي تعليمي نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر، گهرو صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، تعلي?? واري صوبائي وزير مراد راس، ناڻي واري صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان بخت، اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. تعلي?? واري صوبائي وزير مراد راس اجلاس کي پنجاب صو??ي جي تعليمي نظام ۾ سڌارن ۽ نئين منصوبن بابت تفصي??ي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته تعليم جي ذريعيئي ترقي ممڪن آهي. وزيراعظم پنجابصوبي پاران استادن جي ٽرينگ، هڪ ج??ڙي تعليمي نظام جي لاءِ قدمن ۽ لاڳاپيل قانوني سڌارن کي ساراهيو. وزيراعظم اسڪولن ۾ سهولتون ڏيڻ جي خاص تاڪيد ڪئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي ز??ر ڏنو ته هڪ ج??ڙي تعليمي نظام سان ئي معاشري ۾ امتيازي سلوڪ کي ختم ڪري سگهجي ٿو.