اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) قوم 74 هون آزادي جو ڏهاڙو اڄ جمعي ڏينهن ان عزم سان ملهائيندي ته باباءِ قوم جي فڪر ۽ مصور پاڪستان جي خوابن جي تعبير پاڪستان کي دنيا جي نقشي تي هڪ باوقار ۽ قائداڻو ڪردار رکندڙ عظيم کان عظيم تر ملڪ بڻائينداسين، ڏينهن جي شروعات مسجدن ۾ پاڪستان جي استحڪام ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خاص دعائن سان گڏ ڪيو ويندو. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن شهر ۾ 21، 21 توپن جي سلامي ڏني ويندي. سڄي ملڪ ۾ سر??ار?? عمارتن تي ر??شنيون ٻاريون وينديون، گهرن تي پاڪستان جو سبز هلالي جهنڊا ڦرڪايا ويا آهن ۽ گهٽين ۽ بازارن کي سجايو ويو آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ خوبصورت برقي ر??شنين ڊي چوڪ جي ر??نق وڌائي ڇڏي آهي. مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب ٿيندي جڏهن ته اهم حڪومتي شخصيتون گلن جون چادر چاڙهينديون. مختلف ادارن ۾ تقريبن ۾ ملي نغما ۽ قيام پاڪستان جي جدوجهد جي حوالي سان خاص روشني وڌي ويندي. اخبارن ۾ خاص ايڊيشن ۽ ٽيليويزن چينلز تي خصوصي نشريات ٿينديون. ان ڏينهن جي مناسبت سان صدر، وزيراعظم ۽ اهم حڪومتي ۽ سياسي قيادت جا خاص پيغام جاري ٿيندا. ان ڏينهن ڪشمير جي آ??ادي جي تحريڪ جي ر??ح روان حريت اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني کي نشان پاڪستان ڏنو ويندو. ان کانسواءِ به نمايان خدمتن تي عسڪري ۽ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙن کي ايوارڊ ڏنا ويندا. جمعي جي نماز جي ميڙن ۾ پڻ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ خاص دعائون گهريون وينديون. ڪشمير جي آ??ادي جي لاءِ پڻ خاص دعائون ڪيون وينديون.