اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عوام کي سستي ۽ پائيدار بجلي فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي، ??اض?? ۾ قابل تجديد توانائي سان ماٽيلي ماءُ جو سلوڪ ڪيو ويو، مهانگي بجلي، لوڊشيڊنگ ۽ گردشي قرض تمام وڏا مسئلا آهن، توانائي شعبي جي گرفت ۾ پورو پاڪستان آهي، توانائي جي شعبي جي مس??لن تي ??اض?? ۾ ڌي??ن نه ڏنو ويو، مهانگي بجلي جو مسئلو حل نه ٿيو ته تمام گهڻا مسئلا جنم وٺندا، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي حڪومت اقتدار سنڀاليندي ئي انرجي سيڪٽر جي مس??لن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جامع قدم شروع ڪيا، ان حوالي سان مختلف ٽاسڪ فورس ??ائ?? ڪيون ويون ۽ هڪ خودمختيار ڪميشن به جوڙيو ويو، رپورٽس جي روشني ۾ آءِ پي پيز سان مسئلي جي حل لاءِ اڳڀرائي ٿي ۽ گذريل ڏينهن بجلي جي شعبي جي مس??لن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون، گذريل دورن ۾ پاور پلانٽس ته لڳايا ويا پر بجلي جي ورڇ ۽ پهچ جي مس??لن تي ڌي??ن نه ڏنو ويو. آءِ پي پيز سان ايم او يو تي صحيح بجلي جي فراهمي طرف پهريون قدم آهي، مقامي سيڙپڪارن کي ايڪٽويٽي ڊالر بدران پاڪستاني روپئي ۾ ڏني ويندي جڏهن ته غير ملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ ڊالر ۾ ايڪٽويٽي جي سهولت دستياب هوندي پر منافع جي شرح ۾ گهٽتائي آندي ويندي، ڪيپسٽي پيمنٽس بدران صرف خريد ڪيل بجلي جي قيمت ادا ڪئي ويندي جنهن سان گردشي قرض جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ??يو. ان موقعي تي ساڻس وزيراعظم جو پاور بابت خاص مددگار شهزاد قاسم به موجود هو.