اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نوجوانن کي هنر جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت پاڪستان کي پاڻڀرو ملڪ ۽ مست??بل جي عالمي قوت بڻائڻ جي خواهشمند آهي. هو نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ آءِ سي ٽي جي شعبي بابت قومي سيمينار جي آخري سيشن جي صدارت ڪري رهيو هو. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو پريزي??نٽ ليفٽ??نٽ جنرل محمد سعيد پڻ سيمينار ۾ موجود هئا. سيمينار ۾ قومي ۽ عالمي آءِ سي ٽي ماهرن، صنعتي شعبن جي نمائندن ۽ سينيئر فو??ي ۽ سول آفيسرن شرڪت ڪئي.