اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ث??نيه نشتر نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن (اين ٽي سي) هيڊڪوارٽرز جو د??رو ڪيو، اين ٽي سي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر برگيڊيئر (ر) وقار راشد خان اين ٽي سي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين جي ??ار?? ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار کي آگاهه ڪيو. هتي جاري ڪيل هڪ پريس رليز موجب وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ث??نيه نشتر اين ٽي سي هيڊڪوارٽر ۾ نيشنل ڊيٽاسينٽر جو د??رو ڪيو ۽ اين ٽي سي جي ڪارڪردگي ۽ ڪلاوڊ بيسڊ III، آءِ ايس او 27001 سرٽيفائيڊ نيشنل ڊيٽا سينٽر(اين ڊي سي) جي قيام کي ساراهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر ث??نيه نشتر چيو ته حڪومت طرفان شروع ڪيل ا??سا?? پروگرام پوئتي پيل عوام جي ترقي جي لاءِ پاڪستان ۾ هيستائين شروع ڪيل سڀ کان وڌو پروگرام آهي، هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاڪستان جي مستحق شهرين جي سهولت جي لاءِ متحرڪ ڊجيٽل سوشل ايڪو سسٽم تي تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، ٽيڪنالاجي جي استعمال شفافيت ۽ غربت جي خاتمي لاءِ حڪومت طرفان شروع ڪيل پروگرام کي موثر بڻايو آهي.