اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ح??ور اڪرم ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، مسلمان ملڪن کي متحد ٿي ڪري اولهندي ملڪن کي ٻڌائڻو پوندو ته اهڙي طرح جي قدمن سان سوا ارب مسلمانن جي دل آزاري ٿيندي آهي، يورپ ۾ هولوڪاسٽ تي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي، ماضي ۾ منصوبابندي نه ڪرڻ سبب ماحول تي منفي اثر پيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ قومي رحمت العالمين ﷺ ڪانفرنس جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جو موضوع ”ماحول??ات?? آلودگي ۽ اسان جي ذميداري“ هو. هن چيو ته اها ڪانفرنس هر ??ال منعقد ڪئي ويندي. پاڪستاني عوام خاص طور نوجوانن کي ح??ور اڪرم ﷺ جي حيثيت ??اب?? مڪمل آگاهي ڏيڻي آهي، حضرت محمد ﷺ جي سيرت طيبه اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، حضرت محمد ﷺ جهڙو عظيم انسان آيو آهي نه ئي ايندو، دنيا جي سئو عظيم شخصيتن ۾ ح??ور اڪرم ﷺ جو پهريون نمبر آهي. الله قرآن پاڪ ۽ ح??ور ﷺ جي زندگي جي ذريعي اسان کي راهه ڏيکاري، هن چيو ته ماضي ۾ اسان مستقبل جي منصوبابندي ناهي ڪئي، جنهن جا ماحول??ات?? صورتحال تي اثر پيا آهن، اسان جي خطي ۾ ماحول??ات?? صورتحال سنگين آهي، گرمي جي شدت جي ڪر?? گليشيئر پگهرجي رهيا آهن، موسم??ات?? تبديلين جي ڪري منفي اثر پئجي رهيا آهن، هن چيو ته مسلمانن ايمان جي قوت سبب ڪاميابي حاصل ڪئي.