اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۾ مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صدر آئين جي آرٽيڪل 228 تحت مقرريون ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڪائونسل جي 12 خالي سيٽن تي مقرري جي منظوري ڏني، ڊاڪٽر قبله اياز کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين مقرر ڪيو وي?? آهي، ڪراچي يونيورسٽي مان ڊاڪٽر ع??ير محمود صديقي، پير ابوالحسن محمد شاهه آف ڀيڙا شريف، ??حمد حسن حسيب الرحمان ۽ دارالعلوم حقانيا، اڪوڙه خٽڪ جي مولانا حميد الحق حقاني، علامه محمد حسين اڪبر، سيد ضياءُ الله شاهه بخاري، پيرزاده جنيد امين، حافظ محمد طاهر محمود اشرفي، مف??ي محمد زبير، سيد محمد حبيب عرفاني ۽ مولانا نسيم علي شاهه کي ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي