اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته هر جڳهه مافيا ويٺل آهي جيڪا تبديلي اچڻ نه ڏئي رهي آهي، ڪرپٽ نطام مان فائدو کڻندڙ 30 سالن تائين ملڪ کي ڦريندڙ هر قسم جا حربا استعمال ڪري ??هي?? آهن، قوم منهنجو ساٿ ڏي مافيا جو مقابلو ڪري ڏيکاريندس، طاقتور کي قانون جي هيٺ آڻڻ جهاد آهي، بيشڪ منهنجي حڪومت هلي ??ڃي اين آر او نه ڏيندس، شهباز شريف ملڪ کان ٻاهر ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ناڻي واري ??زي?? کي مهانگائي گهٽ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي، خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ قيمتون گهٽ آهن، پاڪستان ۾ عدليه آزاد آهي، خوف ڪهڙي ڳالهه جو آهي، عدالتن ۾ اچي پنهنجي صفائي پيش ڪن، اين آر او جي انتظار ۾ ٻاهر وڃي ڇو ويٺا آهن، آبادگار خوشحال ٿي ويا آهن، زرعي سڌارا آڻي ??هي?? آهيون، آبادگار ڪارڊ متعارف ڪرائي ??هي?? آهيون، صحت ڪارڊ سان ملڪ ۾ انقلاب ايندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي تي ”توهان جو ??زي??اعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ عوام جي سڌوسنئون سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. ??زي??اعظم عمران خان چيو ته ڪورونا جي پهرين ۽ ٻي لهر ۾ قوم تعاون ڪيو ۽ ٽئين لهر ۾ به الله جي فضل ۽ ڪرم ۽ خوشقسمتي سان خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان جي صورتحال تمام بهتر آهي، ڀارت ۾ ڪورونا سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڪري 22 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ هلي ??يا آهن پر پاڪستان ۾ الحمدالله ڀارت، بنگلاديش، نيپال ?? ايران سميت خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ صورتحال بهتر آهي. ??زي??اعظم قوم کي تاڪيد ڪئي ته اها عيد جي موڪلن دوران خاص طور تي احتياط کان ڪم وٺي ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي بزرگن جو خيال رکن ڇو ته اسان جيترو وڌيڪ احتياط ڪنداسين ايترو جلد ان وبا تي ضابطو آڻي وٺنداسين.