اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي نيوڪليئر پاور پل??نٽ يونٽ – 2 (ڪي – 2) جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۽ بيجنگ ۾ پاور پل??نٽ جي افتتاح جي تقريبن جو ورچوئل انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان ا??لام آباد مان شرڪت ڪئي، تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز، توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، وفاقي وزير حماد اظهر، ايٽامڪ انرجي ڪميشن جو چيئرمين محمد نعيم ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. ايٽامڪ انرجي ڪميشن جي چيئرمين وزيراعظم عمران خان جو تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ تي ٿورو ادا ڪي??. ا??ٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي جو ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروزي به تقريب کي ورچوئل خطاب ڪيو ۽ پاڪستان جي پرامن مقصدن لاءِ ايٽمي توانائي جي استعمال کي ساراهيو ۽ ان کي محفوظ ۽ ماحول دوست قرار ڏنو. چائنا ايٽامڪ انرجي اٿارٽي جي چيئرمين پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي سالگرهه جي مبارڪباد ڏيندي ان منصوبي کي پاڪ چين دوستي جو مظهر قرار ڏنو ۽ چيو ته چين پاڪستان سان تعاون جاري رکندو، ڊي جي ايس پي ڊي ۽ لاڳاپيل عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. ڪي ٽو نيوڪليئر پاور پل??نٽ جديد ترين نوعيت جو جنريشن ٿري جو نيوڪليئر پاور پل??نٽ آهي جيڪو حفاظت ۽ سيفٽي جي جديد ترين انتظامن سان ليس آهي، ان ۾ اندروني ۽ ٻاهرين تحفظ ۽ حادثن کان بچاءُ کانسواءِ ايمرجنسي ??ي صورت ۾ بچاءُ ۽ ازالي جي جديد ترين سهولتون شامل آهن.