اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلا??ن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلا??ن دوران ڪورونا وائرس سبب 76 فوتگيون ٿيون جنهن م??ن 41 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلا??ن دوران س??ي ملڪ ۾ هڪ ??زا?? 303 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 48 سيڪڙو، لاهور ۾ 27 سيڪڙو، بهاولپور ۾ 26 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 21 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 30 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 30 سيڪڙو، ملتان ۾ 30 ۽ پشاور ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلا??ن دوران ڪوويڊ – 19 جا 41 ??زا?? 824 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 ??زا?? 972، پنجاب ۾ 11 ??زا?? 497، خيبرپختونخواهه ۾ 10 ??زا?? 375، اسلام آباد ۾ 3 ??زا?? 682، بلوچستان ۾ هڪ ??زا?? 222، گلگت بلتستان ۾ 386، آزاد ڪشمير ۾ 690 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين س??ي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 71 ??زا?? 669 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 361 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 44 ??زا?? 236 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 37 ??زا?? 434 آهي.