اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي شهر تريپوره ۾ انتهاپسند هندوئن پاران م??لمانن جي ڪيترن ئي مسجدن، گهرن ?? دڪانن جي ٽوڙ ڦوڙ جي شديد مذمت ڪئي آهي. جمعي تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڀارتي شهر تريپوره ۾ مسجدن جي بيحرمتي ۽ مسلمانن جي ملڪيت?? کي ٽوڙ ڦوڙ تي سخت رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهي حملا گذريل ڪجهه هفتن کان جاري آهن جڏهن ته رياستي مشينري نه رڳو مسلمانن ۽ انهن جي ملڪيتن جي تحفظ ۾ ناڪام رهي آهي پر مقامي مسلم تنظيم?? کي مدد جي فراهمي ۾ به غ??ر ذميدار رهي آهي. ترجمان چيو ته بي جي پي، آر ايس ايس ڳٺ جوڙ تحت هندو توا جي رڪارڊ 2002ع ۾ گجرات کان وٺي 2020ع ۾ نئين دهلي تائين م??لمانن جي قتل عام ۽ منظم انساني حقن جي خلاف ورزين سان ڀري پئي آهي. اڄ هندستان ۾ اقيتلن جي لاءِ تمام گهٽ جڳهه آهي، جيڪا انتهائي مذمت جي قابل آهي. ترجمان چيو ته اهو به ايترو ئي قابل مذمت آهي ته آسام ۾ مسلمانن جي انهن جي ڏهاڪا پراڻي گهرن م??ن ٽارگيٽيڊ ۽ ظالماڻي بي دخ??ي جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان عالمي برادري کان م??البو ڪيو آهي ته هو اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر ۽ ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن خلاف حمل?? کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ان جي حفاطت، سلامتي ۽ ڀلائي ۽ ترقي ۽ انهن جي عبادتگاهن ۽ ثقافتي ورثي جي ماڳن جي تحفظ کي يقيني بڻائي.