اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن جيڪو تيزي سان ايشيا جو سڀ کان وڏو سيڙپڪار ۽ واپاري مرڪز بڻجي اڀري رهيو آهي، پرڏيه?? پاڪستانين جي فڪري ۽ ڪاروباري صلاحيتن مان فائدو کڻڻ لاءِ پاڪستان ۾ موجود صنعتن، اڪيڊيمين، ماهر?? ۽ ??اڳاپيل ادارن سان رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آه??. ص??ر اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪا ۾ رهندڙ سمن?? پار پاڪستانين جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقا?? ڪئي. وفد جي قيادت ايسپائر پاڪستان جو صدر حسن سيد ڪري رهيو آهي، وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي دستياب انساني وسيلن کي حاضر دور جي هنر ۽ جديد تعليم فراهم ڪري انهن جي تربيت جو اهتمام ڪري رهيو آهي، هن چيو ته تعليمي معيار کي وڌائڻ سان گڏوگڏ يونيورسٽ?? پاس ڪندڙ ماڻهن جو تعداد وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن وڌيڪ چيو ته معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن جنهن سان پاڪستان ۾ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري کي وڌيڪ فروغ ملندو، صدر کي ٻڌايو ويو ته ايسپائر پاڪستان ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڪاروباري ماڻهن، سيڙپڪار?? ۽ ??يڪنالاجي ماهرن جو هڪ نيٽ ورڪ آهي جنهن جو ويزن پاڪستان کي جدت ۽ انٽر پرينيورشپ جي ذريعي سماجي ۽ اقتصادي طور تي خوشحال بڻائڻ آهي، صدر پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سمن?? پار پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو.