اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، اسلام آباد ۾ منعقد او ??ءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس کانپوءِ افغان عوام جي حمايت ۾ ٿيندڙ ٻن اهم اڳڀراين جي آجيان ڪري ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چ??و ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل افغانستان کي امداد فراهم ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪئي آهي جنهن ۾ بنيادي ضرورتن جي فراهمي جي حمايت ڪئي وئي آهي. هڪ ٻي اڳڀرائي ۾ هن چ??و ته آمريڪا امداد جي فراهمي ۾ آساني لاءِ طالبان سان ڪاروبار ڪندڙ آمريڪي ?? گڏيل قومن جي اهلڪارن کي آمريڪي پابندين کان آجو قرار ڏنو ويو آهي.