اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ضرورت جي شين جي ق??متن ۾ گهٽتائي جي هدايتن تي موثر عملدرآمد سان ٽم??ٽي جي ق??مت ۾ هڪ هفتي ۾ اٽڪل 15 سيڪڙو گهٽتائي رڪا??ڊ ٿي آهي. فرخ حبيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته شماريات ڊويزن جي انگن اکرن موجب ٽم??ٽا، کنڊ، ب??ضا?? بصر، مڱ جي دال، ايل پي جي سميت 14 ضرورت جي شين جي ق??متن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته گذريل سال انهي عرصي جي ڀيٽ ۾ ڳاڙها مرچ پائوڊر جي ق??مت 31.44 سيڪڙو، مڱ دال 27.75 سيڪڙو ۽ کنڊ جي ق??مت ۾ 4.78 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. هن چيو ته اهڙي طرح چڪن 4.51 سيڪڙو، بصر 4.16 سيڪڙو ۽ پٽاٽي جي ق??مت ۾ گهٽتائي رڪا??ڊ ٿي آهي.