اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جي صورتحال خاص طور تي انساني بحران او آءِ سي جي مسلسل ڌيان جي گهرجائو آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحهٰ سان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات دوران چئي. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ ۽ پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي م??جود هئا. پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جو انعقاد پاڪستان لاءِ هڪ خاص موقعو آهي، ڇاڪاڻ جو اسان پنهنجي آزادي جو 75 هون سال ملهائي رهيا آهيون، پرڏيهي وزير والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تنظيمن جي سرگرمي جي باري ۾ سينئر عهديدارن جي اجلاس ۾ پيش ڪيل خصوصي رپورٽ کي ساراهيو ۽ چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، وحشياڻي فوجي قبضي تحت انساني حقن جي صورتحال کي خراب ڪرڻ کانسواءِ ڀارت والاريل علائقي ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي تي لٿل آهي، شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا تي تازي قرارداد جي م??ظوري جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته پاڪستان جي قدمن کي او آءِ سي ۽ ان جي م??مبر ملڪن پاران مڪمل حمايت حاصل رهي. هن چيو ته اسلامو فوبيا تي خصوصي ايلچي م??رر ڪرڻ سان اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان کي م??هن ڏيڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته افغانستان جي صورتحال خاص طور تي انساني بحران، او آءِ سي جي مسلسل ڌيان جي گهرجائو آهي، اميد آهي ته افغانستان جي لاءِ هيومينيٽرين ٽرسٽ فنڊ جي آپريشنل آغاز سان افغان عوام کي درپيش انساني چئلينجن کي م??هن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. شاهه محمود قريشي 19 ڊسمبر 2021ع تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن موجب اسان کي م??اسب بجيٽ ۽ لاجسٽڪ سپورٽ جي ذريعي ڪابل ۾ او آءِ سي جي م??جودگي ۽ خصوصي ايلچي جي آفيس کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي چيئرمين شپ دوران اسان او اءِ سي کي وڌيڪ متحرڪ بڻائڻ ل??ءِ سيڪريٽريٽ سان گڏ فعال طور تي رابطا هموار رکنداسين، اسان او آءِ سي چيئر جي طور تي پنهنجي م??نڊيٽ کي پورو ڪرڻ ل??ءِ سيڪريٽريٽ جي مسلسل حمايت جا خواهشمند آهيون.