اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عام ماڻهو کي فوري ۽ مفت انصا?? فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته محتسب کاتن جي بدانتظامي جي خلاف شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ جديد آء?? ٽي ذريعا استعمال ڪر??، فضول قانوني ڪارروائي جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي، ان سان کاتن ۽ وفاقي محتسب تي بار وڌندو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي محتسب ص??ر کي سال 2021ع دوران اداري جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين جي باري ۾ بريفنگ ڏني، گذريل سال وفاقي محتسب کي 110398 شڪايتون مليون، ڪل شڪايتن مان هڪ لک 6 هزار 732 حل ڪيون ويون، محتسب جي 92.7 سيڪڙو فيصلن تي عملدرآمد ڪيو ويو، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪل شڪايتن کان 92 هزار آن لائين موصول ٿيون ۽ ان تي ڪارروائي ڪئي وئي، صدر کي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ شڪايتون سيل، علائقائي آفيسن جي قيام تي به بريفنگ ڏني وئي، شڪايتن جي ازالي جي جامع سسٽم جي تحت وفاقي حڪومت جي 180 مختلف ايجنسين کي سگهه ڏني وئي آهي، ان موقعي تي صدر چيو ته وفاقي محتسب ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين پنهنجي پهچ وڌائي، محتسب کاتن جي بدعنواني جي خلاف شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ جديد آء?? ٽي ٽولز استعمال ڪر?? وفاقي محتسب يوٽيلٽي ڪمپنين جي ناانصافي خلاف شڪايت ڪندڙن کي جلد انصا?? فراهم ڪر??. هن چيو ته وفاقي محتسب وٽ وڌيڪ شڪايتون گئس ۽ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين پاران وڌيڪ بلن بابت آهن، وفاقي محتسب ميڊيا جي ذريعي پنهنجي ڪردار ۽ خدمتن جي باري ۾آگاهي پيدا ڪر??، وفاقي محتسب شڪايتن جي جلد ازالي لاءِ مختلف سرڪاري کاتن سان رابطا قائم ڪر??، محتسب ماڻهن جون شڪايتون تيزي سان اڪلائڻ ??اءِ سرڪاري ادارن سان تعاون وڌائي. فضول قانوني ڪارروائي جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي، ان سان کاتن ۽ وفاقي محتسب تي بار وڌندو آهي، صدر محتسب جي ڪارڪردگي ۽ پهچ وڌائڻ جي سرگرمين کي ساراهيو. صدر پاران اداري کي مضبوط بڻائڻ، فوري انصاف جي فراهمي ۾ تعاون جي خاطري ڪرائي.