اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪس??ان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملن جي وچ ۾ تعميري رابطا خطي ۾ امن ۽ ترقي کي فروغ ڏيندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر الهان ع??ر سان ڳا??هائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪس??ان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گڏيل مفاد جي لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ??ي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، ٻطرفي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ افهام تفهيم ۾ بهتري ايندي. صدر چيو ته ڀارت ۾ مودي حڪومت پاران اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي خلاف ظلم ڪيا پيا وڃن، ڀارت مسلمانن جي نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي ۽ هو انهن جي خلاف انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي. صدر آمريڪي ڪانگريس ميمبر سان ملاقات دوران خطي ۾ امن جي فروغ لاءِ پاڪس??ان جي ڪردار ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪس??ان جي قربانين کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته آءِ ٽي پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سڀ کان اهم شعبو آهي ۽ آمريڪي ??اپاري ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا. ان موقعي تي ڳا??هائيندي آمريڪي ڪانگريس ميمبر الهان ع??ر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ??ي وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. هن اسلامو فوبيا جي خلاف پاڪس??ان جي ڪردار خاص طور تي ان حوالي سان گڏيل قومن ۾ قرارداد جي منظوري کي ساراهيو.