اسلام آباد – 23 –; اپريل (اي پي پي) وزيراع??م شهباز شريف چيو آهي ته آئين جي بالادستي سان ئي پاڪستان ۾ جمهوري ادارن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان قومي اسيمبلي ميمبر محسن شاهنواز رانجها اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ پاڪستان ??ي معاشي ترقي جي حوالي سان معاملا بحث هيٺ آيا. ملاقات دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آئين جي بالادستي سان ئي پاڪستان ۾ جمهوري ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جمهوري ادارن ??ي مضبوطي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. محسن شاهنواز رانجها ان يقين جو اظهار ڪيو ته وزيراع??م شهبازشريف جي قيادت ۾ وفاقي حڪومت ۾ ترقي جي اها ئي رفتار نظر اين??ي جيڪا سندس قيادت ۾ پنجاب ۾ ڏٺي وئي.