اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم ??هباز شريف سان پاڪستان ۾ جاپان جي سفير مٽسو هيرو واڊا ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه هلندڙ سال ملهائي پئي وڃي. ان مناسبت سان خصوصي تقريبون منعقد ڪرڻ کي ساراهيندي و??ير??عظم چيو ته اهو پاڪستان ۽ جاپان جي خصوصي لاڳاپن جو اظهار آهي. جاپان سان پاڪستان جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺڻ وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪندي و??ير??عظم واپار، ترقي، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ماحولياتي تبديلي ۽ انفراسٽرڪچر سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. و??ير??عظ?? پاڪستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ۽ ترقي جي شعبن ۾ بامعنيٰ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ جائيڪا (جي آءِ سي اي) جي جاري پروگرامن کي ساراهيو. پاڪستان ۾ ڪاروبار دوست موقعن جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي و??ير??عظ?? پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ جاپان جي وڌيڪ ڪمپنين کي دعوت ڏني. و??ير??عظم ??اطري ڪرائي ته حڪومت جاپاني سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. جاپان جي سفير واڊا جاپان جي پاڪستان سان ڊگهي مدي واري ٻطرفي تعاون جو ذڪر ڪندي گڏيل مقصد ۽ هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو. هن 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ افغانستان مان جاپاني شهرين جي انخلا جي لاءِ پاڪستان پاران فراهم ڪيل سهولت کي پڻ ساراهيو. ويراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي جاپان جي و??ير??عظم کي جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.