اسلام آباد – 17 ̵1; جون (اي پي پي) فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس 13 -17 جون تائين برلن ۾ ٿيندڙ پنهنجي اجلاسن ۾ ايف اي ٽي ايف ايڪشن ??لا??ز تي پاڪستان جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ايف اي ٽي ايف پاڪستان جي ٻنهي ايڪشن ??لا??ز (2018ع ۽ 2021ع) جي تڪميل کي تسلي?? ڪيو آهي ۽ هڪ آن سائٽ دوري جي جازت ڏني آهي، ايف اي ٽي ايف جي ميمبرن پاڪستان جي اڳڀرائي تي بحث ۾ حصو وٺندي پاڪستان جي 34 آئٽمز تي مشتمل ٻئي ايڪشن ??لا?? مڪمل ڪرڻ ۽ خاص طور تي رڪارڊ مدي ۾ 2021ع جي ايڪشن ??لا?? جي جلد تڪميل تي مبارڪباد ڏني، پاڪستان ڪووڊ 19 جي وبا سميت ڪيترن ئي چئلينجن جي باوجود ان ايڪشن ??لا??ز جي ڪامياب تڪميل لاءِ پنهنجُون اڻٿڪ ڪوششون جاري رکيُون. بيان موجب پاڪستان ايف اي ٽي ايف ايڪشن ??لا??ز جي لاڳو دوران سي ايف ٽي/اي ايم ايل ڊومين ۾ تمام گهڻو معاملن جو احاطو ڪيو آهي، ايف اي ٽي ايف سان رابطا پاڪستان ۾ هڪ مضبوط سي ايف ٽي/ اي ايم ايل فريم ورڪ جي ترقي جو باعث بڻيا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي نظام ۾ بهتري آئي آهي، پاڪستاني وفد برلن ۾ ايف اي ٽي ايف جي مڪمل اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي، وفد جي قيادت پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير/ايف اي ٽي ايف بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي چيئرپرسن حنا رباني ک?? ڪئي.