اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي اپيل تي سرندي وارن ٻوڏ متاثرين جي ??اءِ 2 ڪروڙ رپيا امداد ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته ٻوڏ ۾ گهيريل مصيبت سٽيل ماڻهن جي ??دد ڪرڻ عبادت کان گهٽ نه آهي، ملڪ ۾ لکين ماڻهو هن وقت بي گهر آهن، فوري ريسڪيو ۽ امداد کانپوءِ بنيادي ڍانچي جي بحالي هڪ تمام وڏو چئلينج آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صنعت ۽ واپار اسلام آباد جي ??فد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙن ۾ ايوان صنعت ۽ واپار اسلام آباد جو صدر شڪيل منير، جمشيد اختر شيخ، محمد فهيم خان، ميان شوڪت مسعود، احسن بختاوري، زبير احمد ملڪ، طارق صادق، عامر وحيد، اظهر الاسلام، چوڌري جاويد اقبال، راڻا قيصر، اختر حسين، حنيف عباسي ۽ ٻيا شامل هئا. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي ??اءِ هنگامي بنيادن تي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪاررواين تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ حڪومت جي ??دمن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته جي??ي ماڻهو متاثرين جي ??دد ۾ اڳتي آهن اهي انصار مدينه جي سنت تي عمل ڪري الله تعاليٰ جي خوشنودي حاصل ڪري رهيا آهن، منهنجي ??وم کي اپيل آهي ته انهن سرندي وارن وانگر وڌي چڙهي ٻوڏ متاثرين جي ??دد ۾ پنهنجو حصو وجهن، تازي ٻوڏ پاڪستان جي تاريخ کان وڏي ٻوڏ آهي. وزيراعظم چيو ته س??ي ملڪ ۾ لکين ماڻهو هن وقت ٻوڏ جي ڪري بي گهر آهن، 11 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 15 سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن، حڪومت ترجيحي بنيادن تي ماڻهن کي ريسڪيو ڪري رهي آهي، حڪومت فوري طور تي ٻوڏ متاثرين کي 25 هزار رپيا روڪ فراهم ڪرڻ شروع ڪيا اهن، حڪومت ٻوڏ متاثرين کي راشن، صاف پاڻي، خيما، مڇردانيون فراهم ڪري رهي آهي، دوست ملڪن ۽ عالمي ادارن ۽ تن??يمن جا ٿورائتا آهيون جو اهي ٻوڏ کان متاثر پاڪستانين جي ??دد جي ??اءِ اڳتي وڌيا. هن چيو ته فوري ريسڪيو ۽ امداد کانپوءِ ماڻهن ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي هڪ وڏو چئلينج آهي، حڪومت ٻوڏ متاثرين جي ??دد ۽ بحالي جي ??اءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي اهي، مصيبت ۾ ورتل پاڪستانين جي ??دد اسان سڀني جو فرض آهي، آئون ٻوڏ متاثرين جي ??دد لاءِ مالي امداد فراهم ڪندڙ سرندي وارن جو ٿورائتو آهيان.