اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب مان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين ??ي لاءِ انساني امداد جي سلسلي ۾ وڌيڪ ٻه امداد?? اڏامون ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي ويون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب سعودي عرب مان هيستائين 5 اڏامون ٻوڏ متاثرين ??ي لاءِ امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آه??. ترجمان چيو ته پاڪستان سعودي عرب پاران انساني امداد جي گرمجوشي ۽ ٿورن سان آجيان ڪري ٿو.