اسلام آباد -18 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين باوجود حڪومت پوليو جي خاتمي ??اء?? هر ممڪن ڪوشش جاري رکي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن برلن ۾ ٿيل ورلڊ هيلٿ سمٽ ۾ پوليو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 27 کان وڌيڪ پوليو ورڪرز پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ ??اء?? پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري چڪا آهن. هن چيو ته پاڪ فوج خطرناڪ علائقن ۾ پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي ۾ ڀرپور مدد ڪري رهي آهي جيڪا تعريف جوڳي آهي. هن چيو ته جامعه الازهر يونيورسٽي جي شيخ العرب جي مفتي پروفيسر ڊا??ٽر طيب جي فتويٰ پاڪستان ۽ مسلم دنيا ??اء?? پيغام آهي ته ٻارن کان صحت جو حق کسڻ اسلام جي تعليم جي ابتڙ آهي. عبدالقادر پٽيل چيو ته اسان پوليو جي خاتمي جي بلڪل ويجهو آهيون، دنيا پاڪستان سان بيٺل آهي. هن چيو ته پاڪستان پوليو جي خاتمي ??اء?? اثرائتن قدمن کي يقيني بڻائي رهيو آهي. ان موقعي تي جرمن اڪنامڪ وزير سونجا شولز چيو ته جرمني گلوبل پوليو جي خاتمي ??اء?? 23 ملين يورو جو اعلان ڪيو. سعودي عرب گلوبل پوليو جي خاتمي ??اء?? هڪ ڪروڙ ڊالرن جو اعلان ڪيو آه??. ب?? گيٽس دنيا ۾ گلوبل پوليو جي خاتمي ??اء?? 1.2 بلين ??الرن جو اعلان ڪيو آهي. آسٽريليا 43.55 ملين ??الرن، فرانس 50 ملين يورو، ڪوريا 3.2 ملين ??الرن، سي اي او گاوي چيو ته پوليو ورڪرز پاڪسان جا اصلي هيرو آهن. روشيل ويلنسڪي ڊائري??ٽر سي ڊي سي آمريڪا چيو ته پوليو جي تازه ڪيس جيڪي اسرائيل ۽ لنڊن ۾ نظر آيا آهن اهي دنيا کي ٻيهر پوليو جي خطري سان ملي مقابلو ڪرڻ ??اء?? گڏ ڪرڻ ??اء?? ڪافي آهن. پاڪستاني وفد ۾ پاڪستاني سفير ڊا??ٽر فيصل، پوليو جي ن??شنل پروگرام مئنيجر ۽ ميجر جنرل عامر اڪرام موجود هئا.