اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بهادر ۽ ثابت قدم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جن ظلم ۽ ڏاڍ کان آزادي ۽ پنهنجي خودمختياري ??ي حق جي لاءِ 7 ڏهاڪن کان جاري ??دوجهد ۾ بي مثال ق??با??يون ڏنيون آهن، 5 آگسٽ جي ڀارتي غيرقانوني ڪاررواين والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پاڪستاني عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏني آهي، پاڪستان هر فورم تي ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو اٿاريندو رهندو، حڪومت ۽ پاڪستاني عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري ??و حق ملڻ تائين ڪشميري ??وام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري ??کندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمي?? سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پنهنجي پي??ام ۾ ڪيو.