بيجنگ – 17 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي قيادت گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق ڪالهه اڱ??ري ڏينهن صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس چيني هم منصب شي جن پنگ جي وچ ۾ گريٽ هال بيجنگ ۾ مل??قات دوران ڪيو ويو. ڳالهه ٻولهه دور??ن پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي سمورن رخن کي بحث هيٺ آن??و ويو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمتي ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ منصوبابندي وارو وزير اسد عمر پڻ مل??قات ۾ موجود هئا. چين جي صدر شي جن پنگ چيو ته مشڪل وقت ۾ چين جي دوري تي ٿورائتا آهيون.