اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر با??ر اعواڻ چيو آهي ته 18 هين ترميم کانپوءِ به ملڪ ۾ آئيني ترميمون ڪيون ويون، ڪنهن جي خواهش تي احتساب جو عمل بند نه ٿو ٿي سگهي جڏهن ته ان حوالي سان جائز قانونسازي جي لاءِ حڪومت جا دروازا سدائين کليل رهندا، جڏهن به ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان صورتحال بهتر ٿ?? ۽ ماڻهن جي صحت ۽ س??ام??ي کي خطرو نه رهيو ته سموري التوا ۾ پيل قانونسازي غور هيـٺ آندي و??ند??. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائ??ند?? ڊاڪٽر با??ر اعواڻ چيو ته منهنجي چيمبر ۾ سرڪاري عملو تجويزون نوٽ ڪري رهيو آهي. اسد عمر انهن سمورين تجويزن جو جائزو وٺي حتمي شڪل ڏ??ند??.