اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪمان?? اينڊ آپريشن سينٽر وبائي مرضن ۾ اضافي کي روڪڻ جي حوالي سان عوامي ب??داري مهم کي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آه??. ن??شنل ڪمان?? اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي عوامي شعور جي ب??داري جي مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو فيصلو ترقي ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي ۾ اجلاس ۾ ڪيو ويو. فورم کي ٻڌايو ويو ته جيئن ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا پکڙجڻ ۾ واضح طور تي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي پر عام طور ت?? ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرڻ جي معاملي ۾ پڻ ڏسڻ ۾ آئي آهي، عوامي جاين تي ماسڪ ۽ سم??جي فاصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان وقت سر قدم کنيا وڃن. موذي ب??ماري پوري طرح سان ختم ناهي ٿي ۽ ان بيماري جي حوالي سان ٺوس ايس او پيز تي عمدلرآمد ڪري ئي ان کان بچي سگهجي ٿو. جون جي وچ ڌاري جڏهن ڪوورنا وائرس جي مريضن جو انگ وڌي ويو ۽ اسپتالن تي بار وڌي ويو ته حڪومت اسپتالن جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ پوري ملڪ ۾ 2150 آڪسيجن بيڊز کي 31 جولاءِ تائين شامل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم شروع ڪيا. جڏهن ته اين سي او سي جي خصوصي ٽيمن جي سمورن صوبن بشمول آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي دورن جي نتيجي ۾ 2850 آڪسيجن بيڊز کي شامل ڪرڻ جي لاءِ عملي جامعو پارائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي وئي.