??سل??م آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خصوصي صلاحڪار ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرم??ن ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ??ه ريڪوڊڪ ڪيس ۾ عالمي بئنڪ ٽربيونل جو ??اڪستان جي حق ۾ فيصلو وڏو رليف آهي، ٽربيونل پاڪستان کي 6 ارب ڊالر ڏنڊ ادا ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو ته وزيراعظم کاڻين جي شعبي جي شفاف انداز ۾ ترقي ??ي رفتار تيز ڪرڻ، ڍانچي نظام، بهترين ٽيڪنالاجي، سيڙپڪارن جي شموليت ۽ پنهنجي انساني وسيلن جي ترقي لاءِ بلوچستان حڪومت جي ڀرپور مدد جي هدايت ڪئي آهي.